ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪئي ويندي: ايم ڊي وسيم خان

 

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) ايم ڊي پي سي بي وسيم خان شرجيل خان جي اسپاٽ فڪسنگ جي اعتراف تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي ته رانديگرن کي ائين ڪنهن به ريت نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين ڍانچي ذريعي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان نئون ٽئلينٽ سامهون ايندو، جڏهن ته رانديگرن جي ڪارڪردگي جو پڻ پتو پئجي ويندو، هن چيو ته رانديگرن کي پنهنجي ذات بدران ملڪ خاطر کيڏڻ گهرجي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *