والاريل ڪشمير جي اڌ ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان پرويز رسول سميت گم

 

سري نگر(اسپورٽس نيوز)والاريل جمون ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي ختم ٿيڻ  کان پوءِ صورتحال راندين تي به اثر انداز ٿيڻ لڳي آهي.ڀارتي روزاني اخبار موقر موجب مودي حڪومت جي طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ وادي جي ٽيم ۾ کيڏندڙ اڌ رانديگر گم اهن ان سان ڪوبه رابطو ناهي ٿي سگهيو.اهڙي سبب جي ڪري جمون ڪشمير ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن آندهرا پرديش ڪرڪيٽ جي انتظام هيٺ وشاکها پئنم ۾ شيڊيول وجي ٽرافي ۾ ٽيم نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.والاريل وادي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گورنر ستيه پال ملڪ جي رانديگرن جي سيڪيورٽي يقيني بنائڻ جي درخواست تي به ڪوبه جواب ناهي ڏنو.آرٽيڪل 370 ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي رانديگرن سان رابطو ناهي ٿي سگهيو ان ۾ ڪپتان پرويز رسول به شامل آهي. جڏهن ته والاريل وادي ۾ مسلسل موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به بند رکي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *