ڪرڪيٽ بورڊ ۾ آپريشن ڪري نون ماڻهن کي سامهون آندو وڃي: محمد يوسف

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد  يوسف چيو آهي ته پوري ڪرڪيٽ بورڊ ۾ آپريشن ڪري نون ماڻهن کي سامهون آندو وڃي.هڪ انٽرويو ۾ محمد يوسف قومي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته گهڻي عرصي کان ڪرسي سان ٿاڦيل ماڻهو جيڪڏهن ائين نه وڃڻ چاهين ته انهن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏيو ۽ کين چئو ته ڪيترا پئسا گهرجن اوهانکي اُهي وٺو پر خدا پاڪ جي واسطي بورڊ جي جان ڇڏيو.محمد يوسف چيو ته پي سي بي جي سرپرست اعليٰ وزيراعظم نوازشريف کي سينيئر رانديگرن جاويد ميانداد،انضمام الحق ۽ راشد لطيف جهڙن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ بورڊ جون واڳون انهن حوالي ڪري،ڇاڪاڻ ته اهي معاملن کي بهتر طريقي سان هلائي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *