پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهان ٿو:ڀارتي اداڪار رضا مُراد

لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار رضا مُراد پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو.سندس چوڻ آهي ته پاڪستان اچي وڏي خوشي ملي ٿي،هتي اچي پنهنجي دل کي سُڪون بخشيندو آهيان.لاهور ايئرپورٽ تي پنهنجي گهرواريءِ  ۽ ڌيءَ سان گڏ پاڪستان پهچڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا مُراد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پهچڻ شرط ئي ايترو استقبال ڪيو ويو جنهن کي وساري نه ٿو سگهان .ڀارتي اداڪار رضا مُراد اسلام آباد،لاهور ۽ ڪراچي ۾ رهندو.ان موقعي تي سندس ڌي ءَ چيو ته پاڪستان اچڻ جي خواهش ننڍي لاءِ کان هئي،جيڪا اڄ پوري ٿي آهي،پاڪستان جي باري ۾ گهڻو ڪجه ٻڌو آهي،هتان جو  ڪپڙو ۽ کاڌو بهترين آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *