ڪرپشن ڪيس: ڏکڻ آفريقن فاسٽ بالر لونو ايوٽسٽوبي تي 8 سالن لاءِ پابندي لاڳو

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا ڪاري نسل جي فاسٽ بالر لونو ايوٽيسٽوبي تي ڪرپشن ڪيس ۾ 8 سالن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي آهي. ايوٽسٽوبي تي 2015ع ۾ ڏکڻ آفريقا ڊوميسٽڪ ٽي 20 ٽورنامينٽ  رام سلام دوران ميچ فسڪنگ جو الزام لڳايو هو. ايوٽسٽوبي ستون ڏکڻ آفريقن رانديگر آهي جنهن کي سي ايس اي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت سزا ٻُڌائي وئي آهي. واضح رهي ته ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا 2015ع ۾ ميچ فڪسنگ اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ايوٽسٽوبي کي معطل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *