ايشوريا رائي مونکان وڌيڪ محنتي ۽ خوبصورت اداڪارا آهي: سشميتا سين

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سشميتا سين چيو آهي ته ايشوريا رائي مونکان وڌيڪ محنتي ۽ خوبصورت اداڪارا آهي. سشميتا سين ۽ ايشوريا جو شمار بالي ووڊ جي خوبصورت ۽ باصلاحيت اداڪارن ۾ هوندو آهي،1994 ۾ ايشوريا مس ورلڊ ۽ سشميتا مس يونيورس جو خطاب کٽي عالمي شهرت حاصل هئي پر ٻنهي اداڪارائن جي وچ ۾ ميڊيا تي مقابلو ڪرڻ سان گڏ انهن کي هڪ ٻئي خلاف تصور ڪيو ويندو آهي.جڏهن ته هڪ تقريب دوران  سشميتا سين کان پڇيو ويو ته ايشوريا رائي جي ڪاميابي جي متعلق ڇا چوڻ چاهيندي جنهن تي هن جو چوڻ هو ته ايشوريا هن کان وڌيڪ محنتي ۽ خوبصورت اداڪار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *