ڪرپشن جو جيترو پئسو پڪڙينداسين تعليم تي خرچ ڪيو ويندو : عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جي لاءِ تعليم تمام ضروري آهي، تعليم تي خيبر پختون خواهه حڪومت جي جيتري تعريف ڪجي اها گھٽ آهي، ڪي پيءَ ۾ استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته 40 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن، ان کان وڏو ظلم ڇا ٿيندو ته استاد سفارش تي ڀرتي ٿين، خيبر پختون خواهه ۾ 40 هزار استاد اين ٽي ايس تحت چونڊيا ويا آهن، اعليٰ تعليم جو مقصد اهو نه هجڻ گھرجي ته ٻارن کي پنهنجي معاشري کان الڳ ڪيو وڃي، سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪجھه استاد پرڏيهه ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انگريزي سيکارڻ جو مقصد ٻارن کي پنهنجي ڪلچر کان پري ڪرڻ نه هجڻ گھرجي، تعليمي نصاب معاشري ۽ حالتن موجب هجڻ گھرجي، مدرسن جي استادن کي تربيت ڏني وڃي جئين شاگرد قومي ڌاري ۾ اچي سگھن، عمران خان جو چوڻ هو ته ڪرپشن جو جيترو پئسو پڪڙينداسين تعليم تي خرچ ڪيو ويندو، خيبر پختون خواهه ۾ 70 سيڪڙو نوان اسڪول ٻارڙين جي لاءِ ٺهي رهيا آهن، خيبر پختون خواهه ۾ ٺهندڙ هر ٽن مان 2 ڪاليج شاگردياڻين جي لاءِ آهن، ڪوشش هجڻ گھرجي ته جتان به پئسو بچي اهو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *