خيرپور ڀرسان گهر ۾ بيٺل ڪار کي باهه، 4 معصوم ٻارڙا سڙي فوت، هڪ زخمي

خيرپور  (اين اين آءِ) خيرپور ۾ خوفناڪ باهه جي واقعي ۾ 2 ٻارڙين سميت 4 گلن جهڙا معصوم ٻارڙا سڙي فوت، گهرن ۾ ڪهرام، ٻارڙن جي والدين کي بيهوشي جا دورا، قيامت صغرا جا منظر، علائقي ۾ سوڳ. رپورٽ موجب خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙهي پل واري علائقي صبح جو سوير منظور حسين سمنگ جي گهر ۾ بيٺل ڪار کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، نتجي ۾ ڪار اندر راند کيڏندڙ هڪ ٻارڙي عليزه ڌيءَ لياقت سمنگ، 2 ٻارڙا وڪرام ولد عمران سمنگ، حديث ولد لياقت سمنگ موقعي تي سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته گنگا ڌيءَ عمران سمنگ سڙي زخمي ٿي پئي. اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ بعد ۾ فوتي ٻارڙن جا لاش ڪار مان ڪڍڻ بعد زخمي ٻارڙي ۽ لاشن کي سول اسپتال خيرپور آندو ويو جتان ٻارڙي کي فرسٽ ايڊ ڏئي گمبٽ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. هوڏانهن پوليس ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا 4 ئي لاش هڪ ئي گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندن امڙن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا بعد ۾ 4 ئي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جا لاش جنازي نماز لاءِ گهرن کان کنيا ويا ته قيامت صغرا برپا ٿي وئي ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي، ٻارڙن جي جنازي نماز ڊي ايڇ او آفيس ڀرسان ادا ڪرڻ بعد کين درگاهه شهيد بادشاهه جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ويا ٻارڙن جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ پي پي ايم اين اي نواب خان وساڻ، جسقم اڳواڻ امجد مهيسر، ايوب لاشاري سميت سياسي سماجي شخصيتن، صحافين، وڪيلن، شهرين، پورهيتن سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ٻارڙن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *