ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جا ذميوار واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ عملدار آهن:آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جا ذميوار واٽر بورڊ ۽ ڪــَي اليڪٽرڪ عملدار آهن،واٽر بورڊ جي موجوده مشينري ناڪاره ٿي چڪي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته پاڻي جي غلط ورڇ ۽ غير قانوني ڪنيڪشن ۾ واٽر بورڊ جو عملو ملوث آهي، جنهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اسپيڪر چيو ته ٽينڪر مافيه ۽ پاڻي چور واٽر بورڊ عملي جي پيداوار آهن، واٽر بورڊ جي  مشينري ناڪاره ٿي چڪي آهي جديد مشنيري جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي کوٽ جي مسئلي کي مڪاني چونڊن دوران سياسي بڻايو ويو ته ان کي ڏٺو ويندو،ڪــَي فور منصوبي ۾ دير جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي. آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته شهريار مهر ساڻس ذاتي اختلاف رکندو آهي انڪري هن ايوان ۾ ايجنڊا جي ڪاپي ڦاڙي. سندس چوڻ هو ته اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪندڙن خلاف ريفرنس هن قانون واري کاتي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. اسپيڪر چيو ته شهريار مهر لوٽو آهي،هاڻي هـُو فنڪشنل ليگ کي به ڇڏڻ چاهي ٿو. آغا سراج دراني چيو ته شهريار مهر سندس خلاف عدالت ۾ وڃڻ چاهي ٿو ته ڀلي وڃي، جڏهن ته کيس ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي ايوان ۾ اچڻ کان روڪڻ جو اختيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *