ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران تي حڪومت کي خط لکيو آهي، وڏي وزير جي خاموشي افسوسناڪ آهي:خواجا اظهار الحسن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جَي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن لاءِ حڪومت کي خط لکيو ويو آهي، جڏهن ته پاڻي واري معاملي تي وڏي وزير جي خاموشي افسوسناڪ آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا اظهارالحسن چيو ته سنڌ جَي راڄڌاني واري شهر ۾ پاڻي جو بحران شديد ٿيندو پيو وڃي. هـُن چيو ته اڄ کيس انتظار هو ته وڏو وزير پاڻي جي مسئلي تي ضرور ڳالهائيندو پر هو اسيمبلي ۾ آيو، ويٺو ۽هليو ويو. اپوزيشن ليڊر اميد ڏيکاري ته وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سڀاڻي پاڻي معاملي تي اسيمبلي ۾ ضرور پاليسي بيان ڏيندو. خواجا اظهارالحسن چيو ته پاڻي معاملي تي هنن حڪومت کي لکت ۾ موقف ڏنو آهي، ان باوجود هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. سندس چوڻ هو ته پاڻي معاملي تي هو جلد مڪاني ادارن جي وزير سان گڏجاڻي ڪندا. خواجا اظهار الحسن الزام هنيو ته ڊفينس واسين کي پنهنجو ئي پاڻي پئسن ۾ وڪروڪيو پيو وڃي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته متحده سنڌ جي هر اداري کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *