ڪراچي ۾ مختلف علائقن ۾ ٽرئفڪ حادثا: 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽرئفڪ حادثن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا، سعيد آباد جي هڪ گهر مان لاش ملي. ريسڪيو ذريعن موجب قائد آباد ۾ منزل پمپ جي ويجهونامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ شخص مارجي ويو. جنهن جي شناخت نه ٿي سگهي. بلوچ ڪالوني پل جي ويجهو ڊمبر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 20 ورهين جو آرچي مارجي ويو. جڏهن ته ڊرائيور ڊمبر سميت فرار ٿي ويو. لانڊي نمبر هڪ ۾ نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ 18 ورهين جو حمزه ولد اقبال فوت ٿي ويو. بلديا ٽائون جي علائقي سعيد آباد ۾ هڪ گهر  مان لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل نواز جي نالي سان ٿي آهي. جيڪو موچڪو ٿاڻي تي ڊيوٽي سر انجام ڏيندو هو. ۽ ڪيترن ئي سالن کان بيمار هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *