پنجاب جي گلو پوليس شهرين جا محاظ نه قاتل بڻجي وئي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي گلو پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر ڊسڪه ۾ بي گناهه شهرين جو قتل ڪيو ۽ پوليس محافظ نه قاتل بڻجي چڪا آهن. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته پنجاب پوليس شهرين جي محافظ نه پر قاتل بڻجي چڪي آهي جڏهن ته ايس ايڇ او سٽي ٿاڻي جي فائرنگ سان مارجي ويل تحريڪ انصاف جا وڪيل به شامل آهن ۽ گوليون لڳڻ سان اسان جا 3 وڪيل به زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي سزا نه ڏني وئي جنهن سبب پوليس بار بار ساڳيو ڏوهه ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *