ڪراچي ۾ جهوپڙين مٿان مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 7 ٻارڙن سميت 13 ڄڻا دٻجي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جهوپڙين تي مٽيءَ جـِي ڇِپ ڪِرڻ سبب بهاولپور ۽ ملتان واسي ٽن عورتن ۽ 7 ٻارن سميت 13 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، جن جا مڙهه اڄ اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪمشنر جاچ ڪميٽي قائم ڪري ورتي آهي. گلستان جوهر جـَي بلاڪ نمبر هڪ ۾ خالي پيل پلاٽ تي قائم جهوپڙين تي رات دير سان ڀرسان واري ٽڪريءَ تان مٽي جـِي ڇپ ڪري پئي. مٽيءَ جِي ڇپ ڪرڻ سبب 25 ورهين جو غلام فريد، سندس گهرواري ريحانا، 12 ورهين جي مائرا، 5 ورهين جي مقدس، 3 ورهين جي صدف،2 ورهين جو محمد احمد ۽ 4 مهينن جي ظاهرا ٿڏي تي دٻجي فوت ٿي ويا. حادثي سبب فوت ٿيلن ۾ 50 ورهين جو محمد ايوب، 45 ورهين جِي سندس گهرواري نسرين، 26 ورهين جو خورشيد، 20ورهين جي سندس گهرواري فاطمه، سندن 2 پٽ آزان ۽ ايان عباس پڻ شامل آهن. رينجرز، پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ملبي هيٺان ڪڍي ايڌي جَي سردخاني منتقل ڪيا. حادثي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جو تعلق پنجاب جَي شهر بهاولپور ۽ 5 جو تعلق ملتان سان ٻڌايو پيو وڃي، جن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد اڄ اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويندا. ايس ايس پي اوڀر جاويد جسڪاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ظاهري طور واقعو قدرتي آفت لڳي رهيو آهي، پر دهشتگردي جي عنصر به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هـُن چيو ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون هٿ ڪيون ويون آهن، جن جي روشني ۾ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. جاويد جسڪاڻي چيو ته جهوپڙين واري پلاٽن جا 2 دعويدار سامهون آيا آهن، جن ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻيو عام شهري شامل آهي. ايس ايس پي اوڀر، شڪ ڏيکاريو ته گهڻو ڪري زمين چائنا ڪٽنگ اچي ٿي پر جاچ کان اڳ حتمي طور ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. ٻئي طرف وزيراعظم ميان نواز شريف، سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، آغا سراج دراني، ناصر شاهه ۽ شهباز شريف واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم، لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جَي وارثن جِي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪراچي جي ڪمشنر شعيب صديقي مٽي جي ڇپ ڪِرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر آصف جان صديقي ڪميٽي جو سربراهه هوندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ايس ايس پي ايسٽ، ڊائريڪٽر لينڊ ۽ ميونسپل سروسز جو ڊائريڪٽر شامل آهن. ڪميٽي واقعي جو مختلف رُخن کان جائزو وٺڻ بعد سڀاڻي شام تائين ڪمشنر کي رپورٽ پيش ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *