هندوستان جي بليڪ ۽ پاڪستان جي وائيٽ ثقافت

ڪجهه ڏهاڙا اڳ هندو انتهاپسند تنظيم شيو سينا جي ڌمڪين سبب پاڪستاني گلوڪار غلام علي کي پنهنجو موسيقي جو پروگرام به ملتوي ڪرڻو پئجي ويو هو، هڪ طرف ڀارت جي انتهاپسندن جو اهو رويو آهي ته ٻئي طرف پاڪستان ۾ ڀارتي سياستدانن ۽ ليکڪن جي ڪتابن جون مهورتي تقريبون بنا خوف ۽ ڊپ جي ٿينديون آهن، انهن تي ته ڪوبه پاڪستاني شهري اعتراض ناهي ڪندو ۽ نه وري ڀارتي تقريبن کي نقصان پهچائڻ جو ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. ڪجهه سال پهرين ڀارتي سياستدان ۽ اڳوڻي گهرو وزير خوشونت سنگهه جي ڪتاب جي مهورتي تقريب لاهور ۾ وڏي پئماني تي ٿي هئي، جنهن ۾ سندس ڪتاب به خريد ڪيا ويا هئا. بعد ۾ ڀارتي صحافي ۽ سياستدان ڪلديب نير جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ٿي، جنهن ۾ ڪتاب جي ڪجهه حصن تي تحفظات باوجود پاڪستان جي اديبن ۽ دانشورن بجاءِ سخت لهجو استعمال ڪرڻ جي مهذب نموني پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستاني ورتاءُ ۽ ڀارتي روين ۾ ڪيترو فرق آهي. هي پهريون موقعو ناهي، پر ڀارتي حڪومت پاڻ به ڪيترائي ڀيرا انتهاپسنداڻو رويو اختيار ڪندي رهي آهي، خورشيد محمود قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب روڪڻ جي ڪوشش باوجود پروگرام جي آرگنائيزر احتجاج طور مُنهن تي ڪاري مس لڳل هوندي به تقريب ملتوي نه ڪئي، نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ جنهن به شخص اهو واقعو ڏٺو ته هُن ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مهاراشٽر جي وزيراعليٰ خورشيد محمود قصوري جي تقريب لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪئي، پر اها ناڪافي هئي، نتيجي ۾ اهڙي قسم جو واقعو سامهون آيو. اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تاريخ کي بلڪل قتل ڪيو ويو آهي، ٻنهي ملڪن جي تهذيب، ڌرم ۽ رسم رواج جيتوڻيڪ مختلف آهن، پر صدين کان گڏ رهندڙ قومن وچ ۾ پراڻا رشتا ۽ ناتا به جُڙيل آهن. ڀارت جي انتهاپسندن جا ڪارا ڪرتوت سندن ڪردار سان ئي سڃاتا وڃن پيا، جن کي ڪا مثبت موٽ نه ملي رهي آهي، شيو سينا جي غنڊن خورشيد محمود قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب جي آرگنائيزر تي نه پر اصل ۾ ڀارت جي چهري تي انهن اها ڪاراڻ مَلي آهي، ڇا اهڙين حرڪتن سان اهو واضح ناهي ٿي ويو ته ڀارت ۾ سيڪيولرز ۽ جمهوريت جو جنازو کڻڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه رهي آهي؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڀارتي حڪومت پنهنجي پاليل غنڊن کي لغام ڏئي ها ته جيئن کين اهڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ کان روڪي سگهجي ها، مودي حڪومت تي ان واقعي کانپوءِ نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تکا سوال کڄي رهيا آهن، ڀارت پاڻ کي جمهوريت جو وڏي ۾ وڏو دعويدار ته سڏائي ٿو، پر سندس هنج ۾ پلجندڙ هندو انتهاپسند تنظيم شيو سينا جي ڪريل حرڪتن سان سندس من جي ڳالهه پڌري ٿي پئي آهي ته ڀارت جون اهي دعوائون رڳو زباني قولن تائين محدود آهن. هن افسوسناڪ واقعي ڀارت ۾ اظهار جي آزادي واري کوکلي دعويٰ تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. جيڪر اهڙي ئي قسم جو واقعو پاڪستان ۾ ڪنهن ڀارتي شهري سان پيش اچي ها ته شايد هر هنڌ وڏو ممڻ متل هجي ها، پر پاڪستان نه پهرين ڪڏهن ڪنهن ڀارتي شهري سان اهڙي قسم جو ڪريل ورتاءُ ڪيو آهي ۽ نه وري ڪير ڀارتي شهري سان اهڙو ناروا سلوڪ ڪرڻ جو سوچي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *