ڪراچي ۾ڊي ايس پي ۽ سندس محافظ ۽ ڊرائيور جي قتل جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بن قاسم عبدالفتاح سانگري پنهنجي محافظ ۽ ڊرائيور سميت مارجي ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي وڏي زوير سيد قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي تفصيل مطابق گلشن حديد جي علائقي باٽا موڙ ويجهو ڊي ايس پي بن قاسم گاڏي تي تي پنهنجي محافظ وڃي رهيو هو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئيجنهن ۾ هو ۽ سندس محافظ هيڊ ڪانسٽيبل نظير ٿڏي تي مارجي ويا ڊرائيور ڪانسٽيبل فاروق سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اسپتال ذريعن مطابق مارجي ويلن جي سيني ۽ پيٽ ۾ گوليون لڳيون ايس ايس پي ايسٽ مطابق واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ذريعن مطابق ڊي ايس پي جي گاڏي تي 10 کان وڌيڪ گوليون هلايون ويون واقعي کان پوءِ پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا جاچ ٽيمن واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شآهه واقعي جو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي سنڌ جي وڏي وزير حڪم ڏنو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *