الطاف حسين جي پاڪ فوج ۽ قيادت خلاف تقرير برداشت کان ٻاهر آهي، قانوني ڪارروائي ڪنداسين: ترجمان پاڪ فوج جو اعلان

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم سليم باجوا پاڪستاني فوج ۽ ان جي قيادت خلاف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي تقرير کي برداشت کان ٻاهر قرار ڏيندي چيو ته الطاف حسين جي تقرير نفرت ڏياريندڙ ۽ بنا جواز آهي پاڪ فوج ۽ ان جي قيادت خلاف بيهوده ۽ غير ضروري بيان برداشت نه ڪيا ويندا عوام جي جذبن کي رياست جي خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ ميڊيا جو سهارو ورتو ويو جنهن تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا پنهنجيون پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائيندا رهندا پاڪ فوج سونپيل آپريشن جاري رکندي ياد رهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين پنهنجي تقرير ۾ ايم ڪيو ايم جي نوجوانن کي ڪمانڊو ٽريننگ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو هو هن ڀارت سان لاڳاپا رکڻ پنهنجي ذميواري قرار ڏيندي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را بابت چيو هو ته اها کلي طور ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏي الطاف حسين نوجوانن کي چيو ته اهي پنهنجي کيسي جي خرچي بچائي ڪمانڊو تربيت وٺن ۽ ڪلفٽن وڃي بندوق هلائڻ سڪن ٽيوٽر تي پنهنجي بيان آءِ ايس پي آر جي ترجمان ميجر جنرل عاصم سليم باجوا چيو ته پاڪستاني ٽي وي تي الطاف حسين جي تقرير ۾ فوج ۽ ان جي ليڊرشپ بابت راءِ ڏيڻ غير ضروري ۽ نفرت واري هئي هن چيو ته غير ذميواراڻه بيان ۾ عوام کي رياست جي خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ الطاف حسين ميڊيا جو سهارو ورتو ان معاملي کي قانوني طور تي ڏٺو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *