ڪراچي وارا هٿيارن جا لائسنس وٺي پنهنجي حفاظت جو بندوبست پاڻ ڪن:الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين صفورا چورنگي جي ويجهو بس تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي.برطانيا ۾ رهندڙ ايم ڪيو ايم جي سربراهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته بس تي فائرنگ جو واقعو بدترين دهشتگردي آهي.هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ طالبان ۽ داعش موجود آهي آهن،ان حوالي سان مان پهرين به چوندو آيو آهيان پر ڪنهن کي به يقين نه آيو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته داعش ۽ طالبان جي ماڻهن صفورا ڳوٺ ۾ بس تي حملو ڪيو، حملو ڪندڙن داعش جا پمفليٽ اڇليا. ايم ڪيو ايم جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي وارا هٿيارن جا لائسنس ٺهرائي ڇڏين ۽ پنهنجي حفاظت جو بندو بست پاڻ ڪن.الطاف حسين سيڪيورٽي ادارن  کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن تمام گهڻي ظالماڻا انداز سان شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، دهشتگرن بدران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.هن نوازشريف ۽ سيد قائم علي شاهه کي صلاح ڏني ته وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سنڌ، وچ ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو قوم کي ٻڌائين نه ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏين.هن ميڊيا تي به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه تجزيا نگار ۽ پروگرام اينڪرز پاڻ طالبان آهن پر ڪلين شيو ٿي ٽي وي تي ويٺا آهن. هن اپيل ڪئي ته ٽرانسپورٽرز، تاجر، صنعتڪار سوڳ ۾ ڪاروبار بند رکن ۽ ڏکويل خاندانن سان ٻڌي جو اظهار ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *