عمران خان ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان ڪراچيءَ ۾ بس مٿان ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت

لاهور(اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌريءَ سميت ٻين اڳواڻن ڪراچي سفوران چورنگيءَ تي اربع ڏينهن بس مٿان ٿيل دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي آهي ۽ ملوث دهشتگردن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آهي. دل ڏکوئيندڙ واقعي تي عمران خان چيو ته حڪومت ان افسوسناڪ واقعي تي فوري ڪارروائي ڪري ۽ جاچ کانپوءِ ذميوارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي. پي ٽي آءِ پنجاب جي صدر اعجاز چوڌري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن واقعي ۾ شهيد ٿيلن لاءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *