ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي ٽيئن سال جي شاگردياڻي عروج صديقي ڊرامائي انداز ۾ واپس گهر پهچي وئي. عروج پنهنجي مائٽن کي ٻڌايو آهي ته هو ماءُ جي دڙڪن سبب گهران نڪري وئي هئي ۽ سندن پريشانين جي حوالي سان اخبارن ۾ خبرون پڙهي هو پاڻمرادو واپس موٽي آئي آهي. عروج جا مائٽ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن. عروج صديقي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي لانگ لائيف اسڪيم مان 8 مارچ 2019ع تي گهران بيوٽي پارلر تي وڃڻ جو چئي پراسرار طور گم ٿي وئي هئي. هو همدرد يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس جي ٽيئن سال جي شاگردياڻي آهي. عروج صديقي بنت مقبول احمد صديقي جي گمشدگي ۽ اغوا جو ڪيس 9 مارچ 2019ع تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو. ذريعن موجب عروج پنهنجي مائٽن کي اها ڪهاڻي به ٺاهي ٻڌائي آهي ته هو گهران نڪرڻ کانپوءِ هڪ بس ۾ سوار ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ سندس دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ هو ڀٽڪي هڪ ڳوٺ ۾ هلي وئي هئي جتي رهڻ کانپوءِ کيس مائٽن جي پريشاني جو خيال آيو تنهن ڪري هو واپس موٽي آئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ايس ايس پي انويسٽيگيشن به ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جڏهن ته عروج جا والدين وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *