انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پارٽي اڳواڻ انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف وزيراعظم کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته نيازي صاحب! وڏن سان سياسي مخالفت جو انتقام ٻارن کان وٺڻ ڪم ظرفي جي انتها هوندي آهي، حڪومت انتقام ۾ انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ٿي وئي آهي، نيب کانپوءِ  هاڻ ايف آءِ اي کي سياسي انتقام جو ذريعو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته امير مقام کي نواز شريف، شهباز شريف ۽ ن ليگ ساٿ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي پر امير مقام ۽ سندس پٽ ببر شينهن آهن، سياسي لومڙيون مقابلو نٿيون ڪري سگهن، سياسي انتقام جو نشانو بڻجندڙ شينهن جو وقت اچي رهيو آهي، مخالفن ميدان مان ڀڄي رهيا آهن. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اذيت پسند حڪمرانن کي شايد رڳو عوام جون ررڙيون پسند آهن، مهانگائي تي ظابطو نه ڪري سگهندڙ مخالف ڌر جي ٻارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان ڄمي حڪومت ڪئي ملڪ ۽ قوم خلاف ظلم جي ترجماني ڪندا رهنداسين، منافقت ۽ ٻه نمبري پاڪستان نه کپي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته اوهان ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين شين تي ظابطو ڪرڻ آيا هئا، اوهان ماڻهن کي گهر، روزگار ۽ ماني ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *