ڪراچي سخين جو شهر آهي، جي پي ايم سي ۾ ڪينسر جو علاج مفت ٿيندو آهي جيڪا هڪ تاريخ آهي: مراد شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ڪارڊيو ويسڪيولر سمپوزيم جنهن جو اهتمام فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ڪيو، کي خطاب ڪندي چيو ته سمپوزيم ۾ دل جي بيماريءَ جي ماهرن جيڪي دل جي بيماري جون علامتون ٻڌايون آهن لڳي ٿو ته اهي سڀ اسان ۾ آهن، اين آئي سي وي ڊي زبردست ڪم ڪري رهيو آهي، اسان کي گهرجي ته نه رڳو بيماري ۾ پر هونئن به اين آئي سي وي ڊي وڃي ڪم ڏسڻ گهرجي، دل جي بيماري جو علاج دنيا ۾ گهڻو مهانگو آهي. هي علاج اين آئي سي وي ڊي م مفت ۾ ٿي رهيو آهي، 8 جولائي 1911 تي اين آءِ سي وي ڊي ، جي پي ايم سي ۽ اين آئي سي ايڇ اسپتالون سنڌ حوالي ڪيون ويون. سنڌ حڪومت ڪوبه بجيٽ نه رکيو هو پر پوءِ به سنڌ حڪومت 9 ارب رپيا اسپتالن کي ڏنا، هاڻي انهن اسپتالن کي 22 ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون. هن وقت ٽئي اسپتالون سنڌ حڪومت جون قانوني اسپتال ناهن، تنهن هوندي به اسان انهن اسپتالن کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو، مون وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته جيڪڏهن فيصلو سنڌ حڪومت خلاف وڃي ٿو ته وفاقي حڪومت انهن اسپتالن کي سٺي ريت هلائي. وزيراعظم مهرباني ڪئي ۽ چيو ته سنڌ کان اهي اسپتالون واپس نه ورتيون وينديون. ڪراچي جا ماڻهو سخي آهن اهي اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻين اسپتالن کي چڱو چندو ڏيندا آهن، ڪراچي سخين جو شهر آهي، جي پي ايم سي ۾ ڪينسر جو علاج مفت ٿيندو آهي جيڪا هڪ تاريخ آهي، سڄي پاڪستان مان دل جي مرض، ڪينسر ۽ ٻارن جي علاج لاءِ ڪراچي ايندا آهن. ڪورونا وائرس سبب ننڍو ڪاروباري ڪندڙ گهڻو متاثر ٿيو آهي، مون ””حياتي آهي ته سڀ آهي“ واري پاليسي جي بنياد تي اُپاءُ ورتا، 26 فيبروري 2019 تي پهريون ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو ۽ اسان اسڪول بند ڪيا، مارچ ۾ ڪورونا سبب پهرين فوتگي رپورٽ ٿي، اسان پاران سٺا قدم کڻڻ سان صورتحال ضابطي ۾ هئي، اسان ڪورونا فنڊز جوڙيا، فنڊ هلائڻ لاءِ ٽي پرائيويٽ سيڪٽر مان ماڻهو آيا آهن، هڪ ڏينهن آئون آفيس ويٺو هوس ته هڪ شخص آيو ۽ لفافو کڻي آيو، لفافي ۾ هڪ خط ۽ 10 لک رپين جو چيڪ هو، مون ترت فون کنيو ۽ کيس فون ڪيو ته ان شخص پاران منهنجو فون ڪرڻ سٺو نه لڳو ۽ چيائين ته اوهان وقت نه وڃايو ڪورونا خلاف ڪم ڪيو. هن شهر ۾ اهڙا به ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي سٺا ڪم ڪندا آهن، اسان گمبٽ جي اسپتال ۾ جگر جي پيوندڪاري مفت ڪندا آهيون. اهي سڀئي اسپتال مفت ۾ نه پر عوام جي ٽيڪس، عطين مان هلندا آهن، اسان عوام جي ٽيڪس جو هڪ هڪ پئسو عوام لاءِ صحيح نموني استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اسان سنڌ پاران شادي هال تي ٽيڪس بابت ضرور ريلف ڏينداسين. ان موقعي تي ساڻس گڏ فيڊريشن آف چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين ميان ناصر حيات پڻ موجود هو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته توهان کي بنا ڪنهن ٽيسٽ جي نوڪريون نه ڏيڻ جو ڪريڊٽ سنڌ حڪومت کي ڏيڻ گهرجي. ماڻهو ان ڳالهه جي ساراهه ڪري رهيا آهن ته اسان ميرٽ کي ترجيح ڏني آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪجهه چيو آهي ته مان ان بابت ڇا ٿو چئي سگهان؟ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ بهتري آئي آهي. گذريل ڏينهن برسات ٿي پر سواءِ هڪ جڳهه جي باقي شهر ۾ پاڻي بيٺل نه هو. اسان عباسي شهيد ۽ قطر اسپتال جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان 1970 کانپوءِ شاهراه فيصل کي ٻيهر تعمير ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اٽي ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي، گئس جي لوڊشيڊنگ آهي، تڏهن به توهان وفاقي حڪومت کان نٿا پڇي سگهو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *