اڄ تائين 126 ماڻھن کي فوتي ڪوٽا تي نوڪري ڏني وئي، پ پ منشور ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ آھي سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، محنت ۽ چيئرمين سوشل سڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) سعيد غني چيو آهي ته سيسي ۾ 53 جڏهن ته اڄ تائين 126 اهڙن ماڻهن کي ملازمت ڏني وئي آهي جن جو والد يا والده ملازمت دوران وفات ڪري ويا ۽ اهو پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي ته ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي. بينظير مزدور ڪارڊ جي ذريعي نه صرف اسان سيسي جي نيٽورڪ کان ٻاهر مزدورن کي نيٽورڪ ۾ آڻي سگھنداسين پر اسان انهن مزدورن ۽ پورهيتن جي ٻارن کي سٺي تعليم ۽ صحت جي فراهمي به يقيني بڻائين سگھنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمع واري ڏينهن سيسي جي مرڪزي دفتر ۾ ڊزيز ڪوٽا جي وڌيڪ 53 ملازمن کي ملازمتن جا آفر آرڊر ڏيڻ جي تقريب سان خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب سان پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب جنيدي، گورننگ باڊي جي سيسي ڪرامت، سي بي اي سيسي جي صدر اعجاز احمد مهيسر، جنرل سيڪريٽري احمد فراز سيمجو، سينيئر نائب صدر شبير علي، نائب صدر عطا مهر، انفارميشن سيڪريٽري عطاءُ الله لاسي سميت ٻين خطاب ڪيو، تقريب ۾ سيسي جي گورننگ بادي جي ٻين ميمبرن، سنڌ ۽ ڪراچي ليبر بيورو جي عهديدارن، سيسي جي آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير 53 اهڙن ملازمن جن جو والد يا والده سيسي ۾ ملازمت جي دوران وفات ڪري ويو کي ڊزيز ڪوٽا تي ملازمتن جا تقررنامه ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته پورهئي کاتي سميت مان پيپلز ليبر بيورو(سيسي) جي سي بي اي جو به شڪر گذار آهيان جن انهن ملازمن جي اولادن لاءِ ڪم ڪيو ۽ انهن جي ملازمتن جي فراهمي لاءِ اُپاءَ ورتا. سعيد غني چيو ته منهن جي سڃاڻپ هڪ مزدور يونينسٽ جي آهي ۽ جڏهن مون کي جن جن وزارتن ۾ مون کي مزدورن پنهنجا مسئلا ٻڌايا مون کين چيو ته مون کي مسئلا سمجھائڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته مان پاڻ مزدورن جي حوالي سان سڀ کان وڏو وڪيل آهيان. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اهو تاثر عام آهي ته جيڪي ماڻهون يونين ۾ هوندا آهن اهي ڪم ناهين ڪندا اسان کي ان تاثر کي هاڻي ختم ڪرڻو پوندو ۽ مان سيسي جي ملازمن ۽ خاص ڪري نئين آيل ملازمن مان اها اميد ڪيان ٿو ته اهي ان تاثر کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ پنهنجي اداري جي ترقي لاءِ آفيسرن کان وڌيڪ ڪم ڪري ان ڳالھ کي ثابت ڪندا ته يونين ۾ هجڻ جي باوجود به اهي وڌيڪ ڪم ڪري سگھن ٿا. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن سيسي مضبوط هوندو ۽ ان جا وسيلا بهتر هوندا ته ان جو سڌوسئون فائدو مزدورن ۽ پورهيتن کي ٿيندو. هن چيو ته سيسي جي گورننگ باڊي ۾ ملازمن ۽ مالڪن جا نمائندا اهي آهن جيڪي مزدورن ۽ پورهيتن جي ڪنهن به ڪم لاءِ ڪڏهن به پوئتي ناهين هٽيا ۽ اها اوهان لاءِ خوش قسمتي جي ڳالھ آهي. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن اوهان جي گورننگ باڊي اوهان جو وزير، اوهان جي پارٽي جي ليڊرشپ ۽ اوهان جي حڪومت اوهان کي سپورٽ ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ اوهان جو فرض آهي ته اوهان پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. هن چيو ته بينظير مزدور ڪارڊ اهو آهي جنهن کي اڃان تائين ڪجھ ماڻهون سمجھي ئي ناهين سگھيا. هن چيو ته بينظير مزدور ڪارڊ اهو ڪارڊ آهي جيڪو ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پنهنجي جاءِ تي پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود ناهي. هن چيو ته بينظير مزدور ڪارڊ اهڙو ڪارڊ آهي جنهن جي ذريعي اسان صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ مزدورن ۽ پورهيتن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ مشڪلين مان نه فقط ڪڍنداسين پر اسان انهن جي ايندڙ نسل کي تعليم جي اهڙي زيورت سان سينگارينداسين جو اهي اڳتي هلي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. سعيد غني چيو ته هن وقت سيسي ۾ رجسٽرڊ مزدورن جو انگ 6 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته صوبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو اصل انگ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسين بينظير ڪارڊ جي ٻئي مرحلي ۾ انهن سمورن مزدورن ۽ پورهيتن کي سيسي جي دائري ۾ آڻينداسين جيڪي ڪنهن فيڪٽري ۾ ملازمت ڪرڻ جي بجائي خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندا آهن يا هو رڪشا يا ٽيڪسي هلائيندا آهن يا هو ڪنهن گھر تي ذاتي ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪندا آهن يا هو ريڙهي لڳائيندا آهن. سعيد غني چيو ته اسان جي نيت صحيح آهي اسان جو ويزن درست آهي ۽ انشاءَ الله اسان کي ڪاميابي ملندي ۽ اسان چاهيون ٿا ته بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ حقيقي مزدرون کي ئي ملي ۽ انهن جي ٻارن ۽ انهن کي سٺي صحت ۽ تعليم جي سهولت فراهم ڪري سگھون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *