ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيلز لاءِ سڪيورٽي خدشا آهن: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جيلن واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت صوبي جي سمورن جيلز لاءِ خطرا موجود آهن، سڪيورٽي لاءِ بم بروف ديوارن جي اڏاوت لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منظور وساڻ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيلز لاءِ سڪيورٽي خدشا موجود آهن. هن چيو ته جيلز جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ انهن جي ٻاهران بم بروف ديوارن جي اڏاوت جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جي نوازليگ ۾ شموليت جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري سگهن ٿا. خوابن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته سال 2015 امن ۽ خوشحالي جو سال آهي، جنهن ۾ ڪابه وڏي تبديلي نظر نه پئي اچي، باقي سال 2016 ۾ ڪجهه اهم تبديليون نظر اچي رهيو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *