ملتان ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻارڙو قتل، عورت سميت 2 جوابدار گرفتار

ملتان (بيورو) پوليس شاهه رڪن عالم ڪالوني ۾ گذريل هفتي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ عورت سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ملتان جي شاهه رڪن عالم ڪالوني جي رهواسڻ ريحانه بي بي جي 7 سالا پت محمد عبدالله کي گذريل هفتي اڻڄاتل ماڻهن ڏينهن ڏٺي گهر کان ٻاهر اغوا ڪيو هو، اغوا ڪندرن ٻارڙي جي والده کان هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ گهريو هو جڏهن ته گذريل ڏينهن ٻار جي لاش خانيوال مان ملي پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي پوليس شاهدين جي روشني م حسن نالي جوابدار ۽ ان جي مڱيندي کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن سڃاڻپ جي ڊپ کان ٻار کي قتل ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *