کنڊ بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت 8 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) اي سي سي 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ ۽ ان تي لاڳو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منطوري ڏيئي ڇڏي. اربع تي ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو اي سي سي 5 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ٻاهران گهرائي ويندڙ کنڊ تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي به منظور ڏني ويئي. ڪچي کنڊ ٻاهران گهرائڻ تي هڪ سيڪڙو وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي ٽيڪس پاليسي 25-2020 هڪ دفعو ٻيهر موخر ڪئي ويئي، قومي فريٽ اينڊ لاجسٽڪس پاليسي جو ايجنڊا به موخر ڪيو ويو ذريعن موجب روڊ ٽو مڪا رٿا کي وڌائڻ جو معاملو به موخر ڪيو ويو ذريعن موجب گهرو وزارت جي هڪ ڪروڙ رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني ويئي ذريعن موجب گرانٽ ايف سي بلوچستان جا هيليڪاپٽر جا پرزا خريد ڪرڻ تي خرچ ٿيندي ذريعن موجب رٿابندي وزارت جي 16 ارب 62 ڪروڙ رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني ويئي ذريعن موجب اسلام اباد هاءِ ڪورٽ تحت ٽي نيون عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *