لنڪ روڊ جي تعمير جي منظوري، صوبي ۾ معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ روزگار ڏيڻ هڪ اهم قدم آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ ايم 9 ۽ اين 5 جي وچ ۾ پي پي پي موڊ تحت لنڪ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ بورڊ جا سمورا ميمبر، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سينئر ميمبر بورڊ آف ريونيو، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سروش لوڌهي، صوبائي سيڪريٽريز نجم شاهه، ڪاظم، ڊي جي پي پي پي يونٽ خالد شيخ، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته M-9 ۽ N-5 وچ ۾ 21.8 ڪلوميٽر لنڪ روڊ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل پي پي پي پاليسي بورڊ اجلاس ۾ سيڙپڪارن لاءِ ان منصوبي جي منظوري ڏني وئي. بورڊ ٽينڊر ڏيڻ ۽ مراعاتي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي-ٺٽو روڊ ۾ ڪجهه کڏا پئجي ويا آهن جنهن تي وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ محمد وسيم، وي سي اين اي ڊي سروش لوڌهي ۽ سيڪريٽري سروسز تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي آهي جيڪي روڊ جو دورو ڪري کيس اوڻائين جي ڳولا ڪندي ۽ خانگي سيڙپڪارن لاءِ سفارشون پيش ڪندي.حيدرآباد-ميرپورخاص ڊوئل ڪيريج وي پروجيڪٽ ان صوبي جو پهريون منصوبو آهي جيڪو سيپٽمبر 2012 کانپوءِ مڪمل ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چنگجي رڪشو يا اهڙي طرح جون ٻيون گاڏيون ڪنهن حد تائين مسافرن ۽ روڊ تي سٺي گاڏين/ڊليوري وينن جي جاءِ ورتي آهي. بورڊ کي دخواست ڪئي وئي ته اهڙين گاڏين کان مناسب ٽول ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته هتي ٽول ٽيڪس کان بچڻ لاءِ واپاري گاڏين لاءِ ڀرپاسي وارن روڊ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. پاليسي بورڊ مختلف عملن کي نظر ۾ رکندي قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وائيس چانسلر اين اي ڊي ڊاڪٽر سروش لوڌهي ۽ سيڪريٽري ناڻي تحت هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا روڊن کي ملائيندڙ رستن جو دورو ڪندي ۽ پنهنجي سفارش پيش ڪندي. البته چنگجي کي ٽول ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ روزگار ڏيڻ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي اڳواٽ ئي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ روڊن جي ترقي، واٽر لائينون وڇائڻ لاءِ گهربل فنڊز جي منظوري ڏئي وئي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *