ڊي جي رينجرس جي ڪرپشن الزامن جا تفصيل سامهون آندا وڃن: شيري رحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان  چيو آهي ته ڊي جي رينجرس سنڌ طرفان 230 ارب رپين جي ڪرپشن جي الزامن جا تفصيل سامهون آندا وڃن، سياسي جماعتن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، حڪومت ان جو نوٽيس وٺي، هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته اڻڄاتل سياسي جماعت تي 230 ارب رپين جي ڪرپشن جي حوالي سان سمورن الزامن جا تفصيل سامهون آندا وڃن،  قوم اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ته آخر ڪرپشن ۾ ڪهڙي سياسي جماعت ملوث آهي، سمورن معاملن ۾ شفافيت هجڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته ايراني تيل جي اسمگلنگ کي سياسي جماعتن سان ڇو پيو جوڙيو وڃي، آهستي آهستي سياسي جماعتن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي ، جنهن جو حڪومت نوٽيس وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *