فراري ڪمانڊرز صوبائي وزير جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

خضدار (م.د) صوبائي وزير ثناالله زهري جي اڳيان ٻن فراري ڪمانڊرز هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارن ۾ عبيدالله ببرڪ ۽ دين جان ميرن شامل آهن جن جو تعلق ڪالعدم تنظيم بلوچ لبريشن فرنٽ سان آهي جن هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته هو ملڪ جي خلاف هلندڙ سرگرمين جي ختم ڪندا.ان موقعي تي سندن 57 ٻين ساٿين به هٿيار ڦٽا ڪيا،فراري ڪمانڊر عبدالله ببرڪ جو چوڻ هو ته اسان کي ملڪ دشمن سردار آزادي جي نالي تي ڌوکو ڏيندا آهن،جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت بلوچن جو خاص خيال رکندي آهي ۽ بلوچن کي ڀٽڪائڻ وارن سردارن  مان هڪ ڀاءُ حڪومت ۾ موجود آهي ۽ ٻيو پرڏيهه ۾ ويهي دشمني ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير ثناالله زهري جو چوڻ هو ته ڪاوڙيل بلوچ جبلن کان هيٺ اچي وڃن ۽ قومي مفاد لاءِ ساٿ ڏيڻ وارن کي عزت ڏني ويندي. پرڏيهه ۾ ويهي بلوچ ماڻهن کي ڀٽڪايو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *