ڊي جي رينجرز جو بيان سنڌ حڪومت جي خلاف چارج شيٽ نه آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڊي جي رينجرز جو بيان سنڌ حڪومت جي خلاف چارج شيٽ نه آهي، رينجرز جي بيان ۾ جن مسئلن طرف اشارو ڪيو ويو آهي اهي اڄ يا ڪلهه جا نه پر سالن جا پراڻا آهن ۽ انهن مسئلن تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو بهتر فورم اپيڪس ڪميٽي ئي آهي، ڀتو مافيا، لينڊ مافيا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا اڄ جي پيداوار نه پر آمراڻي حڪومتن جا تحفا آهن ۽ سنڌ حڪومت سڀني سياسي جماعتن جي اتفاق سان رينجرز ۽ پوليس جي مدد سان امن جي بحاليءَ لاءِ انهن عنصرن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي ۽ ان آپريشن جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ ۾ بد امني ڦهلائڻ لاءِ سالن کان منظم منصوبا بندي ڪئي وئي ۽ غير ملڪي هٿيار ڦهلايا ويا ۽ آمراڻين حڪومتن انهن هٿيارن جي ضبط ڪرڻ ۽ غير قانوني پرڏيهين جي روڪٿام لاءِ ڪا به مهم نه هلائي پر سنڌ حڪومت طرفان امن جي بحاليءَ لاءِ ورتل ڪوششن سان عدم تحفظ جي احساس جو خاتمو آيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيب هڪ آزاد ادارو آهي ۽ حڪومت شفاف احتساب جي خلاف نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي پر جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پاران تياريون مڪمل نه آهن ته پوءِ عدالت کي 20 سيپٽيمبر واري تاريخ ۾ واڌ لاءِ نظر ثاني جي اپيل ڪري سگهجي ٿي ۽ مڪاني چونڊون مرحليوار يا  هڪ ئي ڏينهن تي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت ڪو فيصلو  اليڪشن شيڊول اچڻ تي ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته سنڌ جي گورنر کي وفاقي حڪومت پاران هٽائڻ لاءِ ڪو باضابطا اعلان نه ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن سنڌ جو گورنر پاڻ استعيفي ڏي ٿو ته سندس استعيفي کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار پڻ وفاق کي حاصل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي خلاف ماضيءَ ۾ به سازشون ٿينديون رهيون آهن ۽ جڏهن سنڌ ۾ عدم استحڪام ٿيندو آهي ته ان جا اثر پڻ وفاق تي پوندا آهن ماضيءَ ۾ جڏهن 1998ع ۾ سنڌ جي خلاف سازش ڪري اسيمبليءَ کي معطل ڪري صوبائي حڪمت کي ختم ڪيو ويو ته سڀني ڏٺو ته فاقي حڪومت به باقي نه رهي سگهي. هن چيو ته وفاق تيل گئس ۽ بجلي جي معاملي تي سنڌ سان  زيادتي ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ اهڙين زيادتين جي خلاف خاموش نه ويهندي ۽ زيادتين جي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته 18هين ترميم تحت تيل گئس جي مد ۾ صوبي کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ کي برداشت نه ڪيو ويندو ان ڪري سنڌ کان صبر جو امتحان نه ورتو وڃي. هن چيو ته عابد شير علي ڪڏهن سنڌ جي عوام کي بجلي چور ته ڪڏهن سنڌ جي عوام لاءِ گٿا لفظ ڳالهائي رهيو آهي ۽ ن ليگ 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو عوام سان واعدو ڪيو هو پر 2 سالن کان وڏيڪ عرصو گذرڻ باوجود لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه اچي سگهيو آهي ۽ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ن ليگ جي خاموشي عوام سان ڌوڪو آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي سوچي سمجهي اردو ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڄ سنڌ جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ امن امان صحت تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *