وزيراعظم ڪراچي ۾ شهيد ٿيندڙن جو مذاق اُڏايو آهي: خواجه اظهار الحسن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته ڪراچي ۾ مارجي ويلن کي مکي سان تشبيهه ڏيڻ وزيراعظم جي شايان شان نه آهي. ٿر ۾ ماڻهو بک ۽ ڪراچي ۾ اُڃ سان مري رهيا آهن. سنڌ حڪومت سان ڌماڌم مست قلندر جي تيار ڪري رهيا آهيون. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه اظهار الحسن چيو ته جمهوريت جي نالي تي سنڌ جي عوام کي يرغمال بڻايو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ مارجي ويلن کي مکي سان تشبيهه ڏيڻ وزيراعظم جي شايان شان ناهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ حڪومت جي بجيٽ پاليسي کي تنقيد نو نشانوبڻائيندي چيو ته سنڌ بجيٽ ۾ سنڌ جي شهري علائقن کي نظر انداز ڪيو. ترقياتي بجيٽ ۾ 32 ارب جي گهٽتائي ڪئي آهي جيڪا سنڌ جي عوام سان زيادتي آهي. خواجه اظهار الحسن بيورو ڪريسي کي تبيهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن آفيسر پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ کين نيب ۽ عدالتن جي چڪر لڳائڻا پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *