ڊاڪٽر معيد يوسف معيشت کي پاڪستان جو نمبر ون مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي سلامتي صلاڪار ڊاڪٽر معيد يوسف معيشت کي پاڪستان جو نمبر ون مسئلو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي جڏهن ڪنهن عالمي اداري کان قرض ورتو وڃي ٿو ته قومي خودمختياري تي سمجهوتو ڪرڻو پوي ٿو قومي سلامتي پاليسي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪري سگهجي ٿو جيستائين پاليسي تي عمل نه ٿيندو دستاويز رهندا ڄمون ۽ ڪشمير نئين پاليسي جو اهم جزو آهي بئنڪنگ جو نظام جيستائين بحال نه ٿيندو ان وقت تائين افغانستان جي امداد ممڪن نه اهي افغانستان جي سرزمين هاڻي به پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي بيشڪ افغانستان ۾ دهشتگرد ٽولن جو نيٽ ورڪ موجود آهي پاڪستان کي طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ سان سمورن مسئلن جي حل تي مڪمل پراميد نه هئڻ گهرجي خميس تي قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت قائمه ڪميٽي جو اهم اجلاس احسان الله ٽوانا جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ معيد يوسف قومي سلامتي پاليسي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي ۾ جنگ هٿيارن کان هٽي عام ماڻهن جو سوچيو ويو آهي هن چيو ته معيشت پاڪستان جو نمبر ون مسئلو آهي جيڪو قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو ڌيان جيو اڪنامڪس تي آهي، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نئين پاليسي جو اهم جزو آهي گورنس کي اسان پاليسي جو حصو ناهي بڻايو هن چيو ته هي خطي جي پهرين قومي سلامتي پاليسي آهي 2014 ۾ هن پاليسي تي ڪم شروع ٿيو هن پاليسي کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ 7 سال لڳا هن چيو ته 2019 ۾ هن پاليسي تي ڊرافنٽنگ ڪميٽِ ٻيهر ٺاهي معيد يوسف چيو ته سرتاج عزيز جي اڳواڻي ۾ هن پاليسي تي ڪم شروع ٿيو 6 ڊسمبر تي پارليامينٽ جي گڏيل پارليماني قومي سلامتي ڪميٽي ۾ پيش ڪئي جيستائين هن پاليسي کي پارليامينٽ اون نه ڪندي ان وقت تائين فعال نه ٿيندي ڇو ته هن پاليسي کي قانوني ڪور حاصل نه هوندو هن چيو ته جيستائين عمل نه ٿيندو دستاويز رهندي هن پاليسي جو بنيادي نقطو عام ماڻهو جو تحفظ آهي. هن چيو ته افغانستان لاءِ انساني بنياد تي امداد جو سلسلو جاري آهي پاڪستان آمريڪا ترڪي قطر ايران ۽ جاپان سميت مختلف ملڪ امداد ڏئي رهيا آهن هن چيو ته ڀارت ڪڻڪ ۽ دوائون پاڪستان جي رستي موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو اسان ڀارت کي پاڪستان جي رستي سپالءِ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي ان جي باوجود ڀارت اڃا تائين ڪڻڪ ناهي اماڻي هن چيو ته افغانستان ۾ بئڪنگ جو نطام جيستائين بحال نه ٿيندو ان وقت تائين افغانستان جي امداد ممڪن نه آهي هن چيو ته آمريڪا افغانستان جي 9 ارب ڊالر جا ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا منجمند ڪري ڇڏيا آهن افغانستان ۾ اجازت جي باوجود بئنڪنگ تي سخت شرط آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *