شوڪت خانم ڊونرز کي پارٽي ڊونر طور اسڪروٽني ۾ شامل ڪرڻ ڀوائتو انڪشاف آهي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب شوڪت خانم جي خيراتي پئسي کي سياسي فنڊ ۾ تبديل ڪرڻ جي خوفناڪ انڪشاف کان پوءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو سمورو رڪارڊ سامهون آڻڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڪيس جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جي گهر ڪئي آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب جي دوکيبازي جو هڪ ٻيو اڻ ترديد جوڳو ثبوت سامهون اچي ويو شوڪت خانم جي ڊونرز کي پي ٽي آئي ڊونر ظاهر ڪري اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ شامل ڪرڻ خوفناڪ انڪشاف آهي هن چيو ته 35 سيڪڙو ڊونرز پي ٽي آئي کي چندو نه ڏنو هو پر دوکي سان ان کي پارٽي فنڊنگ جي نالن جي لسٽ کي فارن فنڊنگ جي لسٽ ۾ وجهي ڇڏيو آهي عمران صاحب خيراتي اداري کي مني لانڊرنگ ۽ پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو جرم ڪيو آهي هن چيو ته عمران صاحب شوڪت خانم لاءِ ملندڙ چندي کي سياسي فنڊ ۾ تبديل ڪري ڏوهه ڪيو آهي هن چيوت ه شوڪت خانم جي ڊونرز جو اعتراض سنگين معاملو آهي ته سندن چندي کي پي ٽي آئي جي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو اليڪشن ڪميشن هن مجرماڻي انڪشاف کان پوءِ فارن فنڊنگ ڪيس کي روزانو بنياد تي ٻڌي ۽ ڪارروائي لائيو ٽيليڪاسٽ ڪئي وڃي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 8 واليم ان لاءِ لڪايا پيا وڃن ته خيرات جي پئسي کي سياسي فنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي عمران صاحب جي ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ پرڏيهي غيرقانوني سرڪائي جو تفصيل ڳجهو رکيو پيو وڃي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪمن مطابق اسٽيٽ بئنڪ سميت سمورن دستاويزن کي پبلڪ ڪيو وڇي اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آئي جون درخواستون رد ڪرڻ جي باوجود 8 واليمز کي لڪايو پيو وڃي عمران صاحب پارٽي ملازمن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ ڳري رقم گهرائي آهي انهن جو رڪارڊ به اڃا تائين سامهون ناهي آيو هن چيو ته عمران صاحب جي برطانيا، آمريڪا، آسٽريليا فنڊ لينڊ سميت پرڏيهي بئنڪن ۾ اڪائونٽس جو تفصيل اڃا اچڻو آهي اليڪشن ڪميشن روزاني بنياد تي فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي 7 سالن کان التوا هيٺ مسئلي تي قانون ۽ انصاف جون گهرون بنا دير پوريون ڪيون وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *