ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري جهڙيون ڪارروايون سنڌ تي حملو آهي : وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبائي معاملن ۾ مداخلت ايف آئي جو ڪم ناهي، جڏهن  ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري جهڙيون ڪارروايون سنڌ تي حملو آهي. ڪراچي ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو ته ايف آئي اي ۽ نيب سوڪ سينٽر تي ڇاپا هنيا ۽ روينيو توڙي لينڊ ڊپارٽمينٽ جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن چيو ته صوبائي معاملن ۾ مداخلت ايف آئي اي جو ڪم ناهي،ان معاملي تي وزيراعظم نواز شريف سان به ڳالهايو ويو آهي، ڇو ته وزيراعظم آپريشن جي ذميواري مونکي سونپي هئي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري جهڙيون ڪارروايون سنڌ تي حملو آهن، جيڪي اڳ به ٿيندا رهيا آهن، اسان وزيراعظم کي چيو هو ته توهان سنڌ تي حملا ڇو ٿا ڪيو؟ وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کان پهرين مونکي ٻڌائڻ گهرجي ها، هو هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين آهي ۽ سندس عهدو وزير برابر آهي، ان معاملي تي ڊي جي رينجرز ۽ ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر سان به ڳالهايو آهي. هن چيو ته ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم خلاف ثبوت آهن، جنهن تي اسان کيس چيو ته اهي ثبوت اڻپورا آهن. وڏي وزير چيو ته اُهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سموريونخ رابيون سنڌ ۾ ئي آهن، اسانجي قيادت به مٿي پيغام ڏنو آهي، اسانجي احتجاج تي ايف آئي اي هڪ ڏينهن ۾ واپس هلي ويندي، فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري بابت سندس چوڻ هو ته فريال ٽالپر اچي وئي آهي ۽ آف زرداري جي طبيعت خراب آهي هو جلد اچي ويندو. ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز ڇاپن جو جواز ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي. ڊي جي رينجرز ڊاڪٽر عاصم بابت ثبوتن جي باري ۾ ٻڌايو آهي پر سندس جواب مان مطمئن ناهيون. ڊي جي رينجرز کي ڇاپن کان پهريان ٻڌائڻ گهرجي ها. ان کان پهرين قائم علي شاهه ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي مهراڻ انڊر پاس جو افتتاح ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *