ڀارتي فوج جي ورڪنگ بائونڊري تي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري، 9 شهري شهيد، 50 زخمي

اسلام آباد/سيالڪوٽ(بيورو/م.ڊ) ڀارتي فوج جو ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي شرپسندي انتها کي ڇهي رهي آهي،سيالڪوٽ ويجهو ڀارتي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ گولاباري ۾ عورت ۽ ٻار سميت 9 شهريشهيد ٿي ويا، جڏهن ته 48 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀارتي فوج جو جنگي جنون انتها تي نظر اچي رهي آهي، هندستاني آرمي طرفان لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ تي جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جمعي تي صبح سوير سيالڪوٽ جي باجره ڳڙهي، سجيت ڳڙهه، چار واهه، هرپال ۽ چپراڙ سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي. دشمن، سجيت ڳڙهه سيڪٽر جي ڳوٺ ٺــَٺــِي خورد، ٺٺـِي ڪالان ۽ مهندر وال کي نشانو بڻايو،جڏهن ته عمرانوالي ۽ ڪـُندن پور ۾ به ڀارتي فورسز مارٽر گولن سان شيلنگ ڪئي. چار واهه،کنور، بلهي، جمال جند، ڌمالان، هرپال ڳوٺ، ڳوٺ انولا، سيلم، هار نانوالي، ڳوٺ چپراڙ، ڌول ملانـَي،سهيل پور، صالح پور ۽ نندپور کي به نشانو بڻايو ويو. دشمن فوج جي بزدلاڻي گولاباري ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت ۽ معصوم ٻار سميت 9 شهري شهيد ٿي ويا،جڏهن ته 48 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ پڻ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن. ڀارتي فوج جي حملي کانپوءِ پنجاب رينجرز پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن بعد دشمن جون بندوقون خاموش ٿي ويون. ياد رهي ته ڀارتي فوج پاران ڪجهه عرصي کان ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ تي اڳرائي جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان،سرحد تي اڳرائي خلاف ڀارت آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس ۾ پاڪستان پاران سرحد تي ڀارتي اڳرائي خلاف هندستاني هاءِ ڪمشنر آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ياد رهي ته پاڪستان ان کان اڳ به سرحدي اڳرائي تي ڀارت آڏو ڪيترائي ڀيرا سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *