ڊاڪٽرز هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۽ ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت سان تعاون ڪن: سيد قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊاڪٽرز ۽ طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ادارن تي زور وڌو آهي ته اهي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۽ ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت سان تعاون ڪن تعليم ۽صحت جو شعبو سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ته جيئن عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪيو وڃي سنڌ حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته پ پ پ حڪومت کان اڳ صحت جي سالياني بجيٽ 6 ارب رپيا هئي جيڪا وڌائي 14 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي گذريل پنجن کان ستن سالن جي مدي ۾ پ پ پ جي سنڌ حڪومت صوبي ۾ 4 ميڊيڪل يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن ۽ هاڻي هي ميڊيڪل ڪميونٽي تي دارومدار آهي ته هو ڪهڙي عزم ۽ محنت سان صحت جي تعليم کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ معاشري مان بيمارين کي ختم ڪن ٿا اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائو يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڪراچي ۾ گذريل رات نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ليور اينڊ گيسٽرو ان ٽيسٽنل ڊزيز جي افتتاح ۽ ٽراما سينٽر جي پيڙهه جي پٿر جي موقعي تي رٿيل هڪ تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو وڏي وزير چيو ته هيپاٽائٽس بي ۽ سي وبائي صورت اختيار ڪري رهي آهي تنهنڪري قابل برداشت ۽ مناسب خرچن تي ماڻهن جي در تي جگر جي پيوندڪاري ۽ علاج جون ضرورتون سخت ضروري آهن هن وقت ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن جيڪو نهايت مهانگو ۽ ماڻهن جي پهچ کان پري آهي ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت هڪ پاسي سنڌ جي ضلعي اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس جي علاج لاءِ ڪارنر ٺاهيا ۽ ٻئي پاسي طبي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ معمولي خرچن تي جگر جي پيوندڪاري جي متعارف ڪرائڻ لاءِ همت افزائي ڪئي هن ٻڌايو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽو آف ليور ٽرانسپلاٽيشن جو ان لاءِ خوشي جو سبب آهي ان ڊاڪٽرز تي زور ڀريو ته اهي مالي فائدن تي نطر رکڻ بدران ماڻهن جا مسيحا بڻجي خدمت ڪن وائيس چانسلر ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي مسعود حميد خان تقريب کي خطاب ۾ چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ليور اينڊ گيسٽرو ان ٽيسٽنل ڊزيز مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال مهيني جي پهرين سرجري ڪئي ويندي هن چيو ته آمريڪا سميت ٻين ملڪن مان 4 نهايت قابل سرجن تربيت وٺي آيا آهن جيڪي پنهنجي خدمتون ان اداري ۾ پيش ڪندا ٽراما سينٽر جي قيام بابت وائيس چانسلر چيو ته ٽراما سينٽر جي عمارت گرائونڊ ۽ 4 فلور تي ٻڌل آهي جنهن جي تعمير 2016 جي آخر تائين 198 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندي ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه انسٽيٽيوٽ آف ليور اينڊ گيسٽرو انٽيشنل جو افتتاح ڪيو ۽ ٽراما سينٽر جي پيڙهه جو پٿر رکيو ان موقعي تي پروفيسر رانا قمر، چيئرمين ڊائون يونيورسٽي ڊاڪٽر خورشيد قريشي پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *