ڀارت ڳالهين کان انڪار جا ٻيهر بهانا پيو بڻائي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) ڀارت ڳالهين کان انڪار جا ٻيهر بهانا پيو بڻائي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڳالهين بابت بال هاڻي ڀارت جي هٿ ۾ آهي، پر هو بال کيسي ۾ وجهي ڀڃي وڃي ٿو، پرويز رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت طرفان پاڪستاني مهمانن جي لسٽ پنهنجي مرضي سان ٺاهڻ جي فرمائش فاشسٽ رويو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي مرضي سان ڪٿي وڃڻ ماني کائڻ تائين جو حق نه ٿو ڏيڻ چاهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *