ڇانگا مانگا: مسافر وين ڍنڍ ۾ ڪري پئي، 13 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

ڇانگامانگا (م.ڊ) مسافر وين ڍنڍ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا ٿڏي تي ئي اجل جو شڪار ٿي ويا.ريسڪيو 1122 جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته مسافر وين رائي ونڊ کان پتوڪي وڃي رهي هئي،وين ۾ 20 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. ذريعن مطابق شروعاتي طور تي 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي ڄاڻ آهي،جڏهن ته اتي امدادي ڪارروايون هلي رهيون آهن.مسافر وين آدن جي ويجهو پل سي بي ايس لنڪ ۾ وڃي ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *