چين سدائين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪ – چين لاڳاپن کي 70 سال مڪمل، يادگاري سڪو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – چين لاڳاپن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري سڪو جاري ڪيو ويو. سڪو جاري ڪرڻ جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپا دنيا ۾ مثالي آهن، چين سدائين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان ون چائنا پاليسي تي سختي سان ڪاربند آهي. سڪو جاري ڪرڻ جي تقريب ۾ چيني سفير نوگ رونگ، اسٽيٽ بئنڪ گورنر رضا باقر به شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ٿيندڙ يادگاري سڪي جي ماليت 70 رپيا آهي، جيڪا پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان رکي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *