قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيسز توڙي گرفتارين خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

ڪراچي/حيدرآباد (م.ڊ) بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيسز توڙي گرفتارين خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، مختلف شهرن ۾ قومپرست ڪارڪنن طرفان هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مظاهرا، ڳڙهي حسن ۾ عوامي تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين قومپرست پارٽيز جي ڪارڪنن طرفان مظاهرو، ڪشمور ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ شهرين طرفان ريلي بعد مظاهرو، سنڌي وسندين جي والار ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف نعريبازي، پنگريو، مورو، وڳڻ ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيسز ڪوڙا قرار، گرفتار ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو، سنڌي وسندين جي والار خلاف تحريڪ جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف ڪراچي مان گرفتار جسقم اڳواڻ امجد مهيسر سوڌو 30ڪارڪن 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، پوليس قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هٿڪڙيون عدالت ۾ پيش ڪيو، قومپرست اڳواڻن پاران پوليس مٿان تشدد جا الزام: سنڌي وسندين تي والار خلاف بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي بعد ملير پوليس جون ڌرتي ڌڻين خلاف ڪارروائيون جاري، پپري ۾ چڙهائي دوران ايس ٽي پي ملير جو اڳواڻ بچل گبول گرفتار ٿي ويو، عدالت ۾ پيشي دوران جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مھيسر ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ اسان ڪا بھ ڀڄ ڊاھ نھ ڪئي ھئي، بحريا ٽائون اڳيان پرامن ڌرڻو ھنيو ويو، لکين ماڻھو ڏسي انتظاميا جا ھوش کتا ٿي ويا، سازش تحت بحريا ٽائون ۾ باھ لڳائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان سوڌو ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي بيگناھ کنڀيو ويو آھي، ڊڄڻ وارا ناھيون. ھوڏانھن ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، سيد جلال محمود شاهه، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن سميت عدالت پهتو، سيد جلال محمود شاهه جي عدالت ۾ پهچڻ دوران ڪارڪنن جو وڏو انگ به موجود آھي، ايس ٽي پي سربراھ بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي بعد گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت مان ضمانت ڪرائي چڪو آھي. عدالت بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه سميت ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد 25-25 هزار رپين جي مچلڪن عيوض سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاھه، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، اسلم خيرپوري جي حفاظتي ضمانت 10 ڏينهن لاءِ ڪئي. سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، اسلم خيرپوري جي 3 دهشتگردي جي ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي. عدالت سنڌ عوامي فورم جي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي جي به هڪ ڪيس ۾ 25 هزار جي مچلڪن عيوض 10 ڏيهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *