چيني صدر جو دورو پاڪستان اقتصادي راهداري جي منصوبن تي 46 بلين ڊالر سرمايه ڪاري جو امڪان

لاهور (م.ڊ) چيني صدر زي جنگ پنگ پاڪستان جو دوري دوران 32 منصوبن تي دستخط ڪيا ويندا. ۽ دوست ملڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبن تي 46 بلين ڊالر جي سرمايه ڪاري جو اعلان ڪندو. ذريعن موجب چيني صدر جو دورو پاڪستان ۾ توانائي بحران جو خاتمي جي لاءِ وزارت پاڻي ۽ بجلي سان گڏ 15 منصوبن تي دستخط ڪيا ويندا.  جڏهن ته خزاني وارو وزير سان گڏ 5 منصوبن تي دستخط ڪندو ان کان علاوه وزارت منصوبه بندي و ترقي سان گڏ 4، وزارت پورٽس اينڊ شپنگ سان گڏ 2 جڏهن اٽامڪ انرجي ڪميشن سان گڏ 3 ۽ پاڪستان ريلوي ۽ پنجاب حڪومت سان گڏ متعدد منصوبن تي دستخط ڪيا ويندا. مهمان صدر جو دورو پاڪستان سان اقتصادي راهداري جي منصوبن جو به افتتاح ڪيوويندو. ان کان علاوه چين جي تعاون سان پاڪستان ۾ شروع ٿيڻ واري متعدد منصوبن جو افتتاح به ڪيو ويندو. چين خطي ۾ نئين اقتصادي رستا کولڻ چاهي ٿو جنهن جو مقصد امريڪا اجاره داري کي چيلنج ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *