سي جي لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ تي سنڌ اسيمبلي ميمبر هڪ ٿي ويا، احتجاج، ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري ارسا جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ارسا جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جڏهن ته حساس جاين جي سڪيورٽي انتظامن بابت بل 2015ع پڻ پاس ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران پيپلز پارٽي پاران سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ واري ارسا جي فيصلي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ وارو مطالبو هڪ صوبي طرفان ڪيو ويو، چشما جهلم  لنڪ ڪئنال برساتي ڪئنال آهي جتي صوبن جي ضرورت پوري ڪرڻ کانسواءِ پاڻي نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته خريف جي مـُند شروع ٿي چـُڪي آهي، سنڌ جي حصي مان پاڻي جي ڪٽوتي ناانصافي آهي. نثار کهڙي چيو ته ارسا قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت کي فيصلي خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آواز اٿارڻ گهـُرجي. سينيئر صوبائي وزير مطالبو ڪيو ته چشما جهلم ڪئنال ۾ پاڻي وهائڻ واري ارسا جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته بجلي جي پيداوار جي نالي تي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ڪري سنڌ کي بحران ۾ وڌو پيو وڃي. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي هوڏ تحت هلائڻ ماضي جي عادت بڻيل آهي. هن چيو ته پنجاب طرفان هڪ طرفو ۽ من پسند فيصلو ڪيو ويندو آهي، سـِي جـَي لنڪ ڪئنال کي وهائڻ سنڌ جي پاڻي جي حق تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. متحده ميمبر سيد سردار احمد چيو ته ارسا طئي ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ارسا کي گڏيل فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ تڪراري فيصلي کان پاسو ڪيو وڃي. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ڇا پيو ڪري؟ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌ جو نمائندو اجلاس دوران منهن ۾ آڱر وجهي دٻائي ويهندو آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ وارو معاملو به تڪراري بڻايو پيو وڃي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي. ڪجهه دير بحث کانپوءِ ايوان چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اجلاس دوران صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، سنڌ جي حساس جاين جي سڪيورٽي انتظامن بابت بل 2015ع پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *