چارلي چيپلين جو ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهيان: وڌيا بالن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته هو چارلي چيپلين جو ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهي. بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته سندس پسنديده ڪردار چارلي چيپلين آهي ۽ سندس پراڻي خواهش آهي ته کيس ڪنهن فلم ۾ اهو ڪردار نڀائڻ جو موقعو ملي. هن چيو ته چارلي چيپلين هڪ مثالي ڪردار آهي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه اعزاز کان گھٽ نه هوندي ته جيڪڏهن مون کي سندس ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي. اداڪارا جي نئين رليز ٿيندڙ فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ آهي، جنهن ۾سندس مقابلي ڀارتي چاڪليٽي هيرو عمران هاشمي آهي. ”هماري اڌوري ڪهاني“وچولي درجي جي بزنس ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *