فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ٻين فلمن جي مقابلي تمام گھڻي موٽ ميڙي ورتي

دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ورن ڌون ۽ اداڪارا شرڌا ڪپور جي نيئن رليز ٿيندڙ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ٻين فلمن جي مقابلي تمام گھڻي موٽ ميڙي رهي آهي، ٻنهي فنڪارن جي جوڙي هر هنڌ ڪاميابيءَ جا جڻڊا کوڙي رهي آهي. فلم ۾ ڊانس ۽ موسيقي سميت بهترين نموني 3 ڊي ٽيڪنالوجيءَ جو استعمال به ڪيو ويو آهي. ”اي بي سي ڊي-2“ جي ٽڪيٽن جي وڪري ۾ به نوان رڪارڊ جوڙي رهي آهي، ”ايني باڊي ڪين ڊانس-2“ تازو ئي بالي ووڊ جي ”ڪوئين“ اداڪارا ڪنگنا رناوت ۽ مڌون جي فلم ”تَنو ويڊز مَنو ريٽرنز“ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ان کان باڪس آفيس تي گوءِ کڻي وئي آهي. ”اي بي سي ڊي-2“ ڪنگنا جي ”تَنو ويڊز مَنو ريٽرنز“ جا اڳيان پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙيندي 100 ڪروڙ  مارڪ ڪراس ڪري ورتو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *