ڄام نواز علي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثو، ۲ عورتن سوڌو ۴ ڄڻا فوت

ڄام نواز علي(رپورٽر)  ڄام نواز علي ڀرسان لڱ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثو، بس جو اسڪوٽر کي ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو ۴ ڄڻا فوت، گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ، پوليس بس تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ڊرائيور فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، تفصيل مطابق ڄام نواز علي_نئون آباد روڊ ڀرسان مرزو سولنگي موري وٽ بس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون، هڪ مرد ۽ هڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، فوتين ۾ ڳوٺ شفيع محمد بروهي واسي علي شير بروهي پٽ الهه رکيو بروهي، سندس زال مسمات هزاري، عورت شهزادي زال فريد ۽ ۱۴ مهينن جي زينت ڌيءُ فريد شامل آهن، حادثي جو اطلاع ملڻ تي نئون آباد پوليس پهتي، جن حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا لاش نئون آباد اسپتال آڻڻ کانپوءِ ٽنڊو آدم تعلقي اسپتال موڪليا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي پاسي لاش ڳوٺ شفيع محمد بروهي پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. نئون آباد پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *