پيپلز پارٽي عورتن سان تعصب ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏيندي: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف زرداري عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مطالبو ڪيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هڪ قومي منصوبو جوڙيو وڃي ۽ ان سان گڏ نيشنل ڪميشن آف دي اسٽيٽس آف وومين کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن عورتون اهڙين روايتي قيد مان آزادي ٿي سگهن ۽ انهن جي خلاف تعصب ختم ٿي وڃي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عورتن لاءِ برابر جا حق سڀ کان بنيادي انساني حق آهن ۽ پارٽي ڪڏهن به عورتن سان تعصب ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، اسان جي ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي حقن جي جدوجهد جي قيادت ڪئي ۽ پارٽي پاڪستان جي عورتن کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ٿي ته تعصب جي خاتمي لاءِ انهن جي هر جدوجهد جي حمايت ڪندي. اڳوڻي صدر سمورن عورتن ۽ مردن کي ان جي حمت واري جدوجهد تي سلام پيش ڪيو جيڪي عورتن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن، هن چيو ته هاڻ گڏيل قومن ۾ انهن ڪنويشن تي عملدرآمد جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن 2017 ۾ نيشنل وومينٽ ان پاور پلان بڻائڻ جو سال بڻايو وڃي ته اها ڳالهه وڏي مناسب هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *