ڀلي ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستاني چيني صدر جي ڪرپشن خالف جنگ مان متاٿر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ چيني صدر شي جِن پِنگ کي جديد دور جو عظيم ليڊر سمجهيو وڃي ٿو، چيني صدر جي ڪرپشن خلاف مهم اثرائتي ۽ ڪامياب رهي، وزيراعظم عمران خان چيني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته پاڪستان تي ڀلي ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين، چين سان ويجها ۽ گهرا لاڳاپا آهن، چين هر ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي اٿئون، آئون پاڻ به ايندڙ هفتي گوادر وڃي سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ سي پيڪ سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل واڳيل آهي، چين سان لاڳاپن تي پاڪستان مٿان دٻاءُ آهي، ھن چيو تھ ڀل ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي، چين سان لاڳاپا برقرار رهندا، ايندڙ هفتي گوادر وڃي سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس. هن چيو ته جڏهن آمريڪين فيصلو ڪيو ته افغانستان جو ڪوئي فوجي حل نه آهي ته انهن اتان نڪرڻ جي تاريخ ڏني ۽ طالبان ان ڪاميابي کي فتح سمجهن ٿا. هن چيو ته هاڻي جڏهن اهي اهو سمجهن ٿا ته انهن جنگ کٽي ورتي آهي ته پاڪستان جو موقف اهو آهي ته ڏاڍو ڏکيو آهي جو اهي ڪنهن سياسي حل تائين پهچي سگهن، وزيراعطم چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي امڪان کان پريشان اهي اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي افغانستان کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀوڳڻو پوندو. چين پاران پاڪستان لاءِ ڪرونا ويڪسين سميت 8 پروگرامن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جهڙي طرح چين ڪرونا جو مقابلو ڪيو اهو منفرد هو هن چيو ته چين پاران پاڪستان کي ويڪسين عطيو ڪرڻ تي ان جا ٿورائتا آهيون چين کان پوءِ پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن سٺي نموني سان ڪرونا جو مقابلو ڪيو هن چيو ته چين جي مدد سان اسان پنهنجي طبي عملي کي وقت سر ويڪسين لڳائڻ ۾ ڪامياب رهياسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *