ڀاشا ڊيم جي اڏاوت تي چار ئي صوبا متفق آهن، اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير تعليم نٿار کهڙو چيو آهي ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ قدرتيوسيلا اڻ ڳڻيا آهن جن مان توانائي جون ضرورتون سولائي سان پوريون ٿي سگهن ٿيون پاڪستان بابت چيو وڃي ٿو ته ان پنهنجا وسيلا ضايع ڪيا آهن ڀاشا ڊيم جي اڏاوت تي چار ئي صوبا متفق آهن پر اڃا تائين ان تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو ٿر ڪول جي نشاندهي 1998 تي ڪئي ويئي هئي پر ان تي عملدرآمد تي سال لڳي ويا هو گذريل ڏينهن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ پاڪ انرجي ريويو جي اهتمام هيٺ انرجي ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي قونصل جنرل سوئيزرليند ايمن وائيس ملڪ خدابخش پاڪستان اخبار جو ريزيڊنٽ ايڊيٽر مبشر مير ايڊيٽر پاڪ بينڪر جاويد محمود ايڊيٽر عوامي آواز ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻين به خطاب ڪيو هن چيو ونڊ ڪوريڊور سنڌو درياهه ٿرڪول جا ذخيرا گهڻي وقت کان موجود آهن پر اسان ان سمورن قدرتي وسيلن کي ڪتب آڻي اڄ تائين توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ڪامياب ناهيون ٿا هن چيو ته ان حوالي سان هميشه سول حڪومتن تي آڱريون کڄنديون رهيون آهن ۽ 1958 ۾ الزام هڻي مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان اچي ويو ۽ ان کان پوءِ ته سلسلو شروع ٿي ويو جمهوري حڪومتون ته صرف نالي ماتر اينديونر هيون ۽ مارشل لا جو بس دور ئي رهيو انهيءَ وقت ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو هن چييو ته پرويز مشرف چيو ته 3 سال لڳن يا 22 سال ڀاشا ڊيم ضرور ٺاهينداس پر ايئن نه ٿي سگهيو هن چيو ته ڀارت ونڊ مان هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي پر سمورن متبادل توانائي جي ذريعن بابت معلومات هئڻ جي باوجود گذريل 9 سالن کان ڪنهن کي ان ڳالهه جو خيال نه آيو هن چيو ته وفاقي حڪومت کي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ان سان سنڌ حڪومت تي قرض به چڙهي ويو ۽ يوڪرائين مان گهرايل ناقص ڪڻڪ به سنڌ کي استعمال ڪرڻي پئي نثار کهڙو چيو ته پاڪستان کي 70 سال ٿيڻ وارا آهن پر اڄ تائين اسان ٽيوب ويل کي سولر انرجي سان هلائڻ ۾ ڪامياب ناهيون ٿي سگهيا هن ٻڌايو ته 1991 جي واٽر رڪارڊ تحت درياهه سنڌ ۾ ڪوٽڙِ جي هنڌ کان 1.5 ملين ڪيوبڪ فوٽ پاڻي جو نيڪال ٿيڻ ضروري آهي ڇو ته ايئن نه ڪرڻ سان سمنڊ واپس ايندو جنهن سان زمين گهٽجي ويندي پر ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيٽي بندر ڊيلٽا ۽ ٻين علائقن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي جنهن سان زمين بنجر ٿيندي پئي وڇي ۽ پاڻي کارو ٿي ويو آهي. سوئيزرلينڊ جي قونصلر جنرل ايمل وائيس چيو ته توانائي جو شعبو سڄي دنيا لاءِ خاص اهميت رکيندڙ آهي هن ٻڌايو ته سوئيزرلينڊ ۾ 90 سيڪڙو بجلي هائڊرو پاور سان تيار ڪئي وڃي ٿي هن چيو ته ماحول کي آلودگي کان محفوط رکڻ وقت جي خاص ضرورت آهي پاڪستان اخبار جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر مبشر مير چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان نوازيل آهي جيڪي وسيلا ڪتب آڻي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *