الطاف حسين عمران خان کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين عمران خان پاران ايم ڪيو ايم تي لڳل الزام بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته بنا ثبوت جي اهڙا الزام مڙهڻ قتل برابر آهي الطاف حسين چيئرمين تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪپتان قوم کان معافي وٺي هن چيو ته عمران خان ثبوت ڏي يا وري پاڻ کي عدالتن آڏو اچڻ لاءِ تيار ڪري الطاف حسين چيو ته ڪپتان الزام مڙهيو ته ايم ڪيو ايم  ننڍين ڳالهين تي ماڻهن جا سر کڻي ٿي جيڪو الزام بي بنياد آهي جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ايم ڪيو ايم تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊن ۾ رينجرز جي موجودگي ۾ اٽڪل هڪ لک ووٽ ڪيئن کڻي ڪامياب ٿي الطاف حسين عمران خان کان سوال ڪيو ته هو جلد کان جلد ايم ڪيو ايم جي خلاف پنهنجن الزامن کي عدالت ۾ کڻي وڃي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *