ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 ڊسمبر تي کيڏي ويندي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 ڊسمبر تي ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. ان کان اڳ ميزبان ڀارتي ٽيم آءِ لينڊرز کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 تان شڪست ڏني هئي. تفصيل موجب ميزبان ٽيم آءِ لينڊرز کي ٻي ميچ ۾ هڪ اننگز ۽ 239 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 تان سرسي حاصل ڪئي هئي جيڪا آخر تائين برقرار رهي سيريز جون ٻه ميچون بنا ڪنهن فيصلي جي ختم ٿيون هيون. ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 13 ڊسمبر تي چنڊي ڳڙهه ۾ ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي 17 ڊسمبر تي وشاکاپٽنم ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ 20 ڊسمبر تي ڪوٽڪ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي 20 ميچ 22 ڊسمبر تي اندور ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 24 ڊسمبر تي ممبئي ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *