بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ تسليم ڪندڙ ٽرمپ ڪير آهي..؟: غلام مصطفي جمالي

1099ع ۾ پهرين صليبي جنگ لڳي لڳ ڀڳ 70 هزار مسلمان مارجي ويا ۽ صليبي قابض ٿي ويا 1187ع ۾ سلطان صلاح الدين ايوبي عيسائن کي شڪست ڏني ۽  قابض ٿيو  ڊسمبر 1917ع ۾ پهرين جنگِ عظيم تي انگريزن بيت المقدس ۽ فلسطين  تي قبضو ڪري ورتو يهودين کي آباد ٿيڻ جي عام اجازت ڏئي ڇڏي 1947ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يهودين نصارا جي سازش هيٺ هڪ تاريخي ڌانڌلي سان فلسطين کي عربن ۽ يهودين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو اهڙي طرح 14 مئي 1948 ع تي يهودين اسرائيل جي بنياد وجھڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو اهڙي طرح عرب يهودي جنگ لڳي وئي يهودين اسرائيل جي 78 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري ورتو يروشلم ۽ بيت المقدس توڙي ڀرپاسي وارن علائقن تي اردن قابض ٿيو

جون 1967ع ۾ ٽين عرب اسرائيل جنگ لڳي جنهن ۾ اسرائيلين يروشلم ۽ بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو اهڙي نموني قبلِ اول بيت المقدس اڄ سوڌو يهودين جي قبضي هيٺ آهي ۽ اسرائيلين هتي ئي پنهنجو دارالحڪومت جوڙي ڇڏيو آهي  اسرائيل جيڪو هن وقت دنيا جي وڏي خطرناڪ طاقت بڻجي چڪو آهي جيڪو عربن کي تقسيم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اسرائيل جي دنيا جا سمورا طاقتور ملڪ مدد ڪندا رهيا آهن هن وقت  اسرائيل اهو ٻه منهون نانگ بڻجي ويو آهي جيڪو ڪنهن جي وٺ ۾ نٿو اچي اسرائيل عرب جنگ جو رخ تبديل ڪري فلسطين اسرائيل ويڙھه  بڻايو ويو ۽ عرب هٿ ڪڍي ويا ڪيترن مسلمان ملڪن ۾ اسرائيل جا سفارتخانا پڻ موجود آهن اصل ۾ هي جنگ مسلمانن ۽ يهودين جي وچ ۾ هئي پر يهودين جي پاليسي موجب هن جنگ کي عرب ، اسرائيل بڻايو ويو ته جئين مسلمان ملوث نه ٿي سگھن عرب اسرائيلين لاءِ سولا سهنجا هئا جنهجن جو ئي نتيجو آهي مني صدي کان اسرائيل قابض آهي ۽ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو پيو وڃي فلسطين کي محدود ڪيو يو آهي انڪري ئي شايد هن وقت اسلام دشمن

نانگ کان به وڌيڪ مسلمانن لاءِ زهر اوڳاڙيندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي دٻاءُ هجڻ جي باوجود به اربع جي ڏينهن مقبوضه بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ تسليم ڪري ورتو آهي نه رڳو تسليم ڪري ورتو آهي پر بيت المقدص اندر پنهنجو سفارتي خانو کولڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.هن وقت آمريڪا دنيا جو اهو پهريون ملڪ آهي جنهن بيت المقدص کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو آهي.اهڙي اعلان کانپوءِ سندس بيان سامهون آيو آهي ته اهو ڪرڻ تمام ضروري هوُ.مان سمجهان ٿو ته هي آمريڪا پاران ڪيل اهڙو اعلان آهي جنهن پوري امت مسلمه کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي.آمريڪا جي اهڙي اعلان کانپوءِ مسلمان ملڪ جنهن ۾ پاڪستان سعودي عرب ايران ترڪي اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته آمريڪا پنهنجو ڪيل فيصلو جلد کان جلد واپس وٺي.ٻئي پاسي فلسطين چئي رهيو آهي ته آمريڪا جي ڪيل فيصلي اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ وڌيڪ ڪشيدگيون وجهي ڇڏيون آهن جنهن سان گهرو ويڙهه ٿيندي جنهن اندر ڪيتريون انساني زندگيون تباهه ٿي وينديون.فلسطين جي صدر محمود عباس جو چوڻ هو ته بيت المقصدس فلسطين جي گادي جو هنڌ آهي جنهن کي اسرائيل جي گادي هنڌ تسليم ته پري جي ڳالهه آهي تصور به نه ٿو ڪري سگهجي.

آمريڪا ۽ اسرائيل جي اهڙن خطرناڪ ارادن کانپوءِ حماس پاران اهڙا بيان جاري ڪيا ويا آهن جنهن اندر حماس ويڙهاڪ تنظيم پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا جي فيصلي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.۽ انهن آمريڪا تي حملن جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي آهي.ٻئي پاسي برطانيه جي وزيراعظم ٿهريسامي ٽرمپ جي فيصلي کانپوءِ چيو آهي ته هو اهڙي فيصلي تي اتفاق نه ٿو جڏهن ته اهڙا فيصلا ڪرڻ سان آمريڪا کي ڪو به فائدو ۽ ان سان دنيا اندر امن ڪوششون ناڪام ٿينديون.ٻئي ايران به آمريڪا جي اهڙي فيصلي جي خلاف پنهنجو رد عمل ڏيکاريندي چيو آهي ته اهو فيصلو عالمي قانونن جي خلاف آهي ٻئي پاسي اردن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جو ڪيل فيصلو غلط آهي جنهن سان مسلمان ملڪن جي عوام جي دلين اندر آمريڪا جي خلاف نفرتن جو آڙاهه ڀڙڪي اٿيو آهي جيڪو شعلو بنجي کيس تباهه ڪري ڇڏيندو.جڏهن ته ٽرمپ جي فيلصي تي پاڪستان جي پاڪستاني دفاعي وزير چيو ته آمريڪا جي نظرياتي سوچ هميشه مسلمانن جي خلاف هوندي آهي.هر دفعي اهڙو اعلان ضرور ڪندو آهي جنهن سان پوري مسلمانن اندر تڪليف ڏيندڙ ماحول پيدا ٿي ويندو آهي آمريڪا جو اسرائيل جي گادي جي هنڌ کي بيت المقدس جو نالو ڏيڻ مسلمانن کي چڙ ڏياريندڙ بيان آهي جنهن کي آمريڪا خطي ۾ امن ڏسڻ چاهي ٿو ته جلد کان جلد پنهنجو فيصلو واپس وٺي.

ٽرمپ جي اهڙي فيصلي کانپوءِ پوري دنيا اندر آمريڪا خلاف مظاهرن جو سلسلو جاري ٿي ويو آهي.استبمول اندر آمريڪا جي سفارخاني اڳيان احتجاج ڪندي ٽرمپ جي تصويرن واري پوسٽرن کي پڻ ساڙيو ويو،فلسطين جي ڪيترن ئي شهرن اندر ماڻهو روڊن تي نڪري آيا جڏهن ته غزه اندر به ماڻهو مظاهرو ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا،۽ اسرائيل جي جهنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته مقبوضه شهر الخليل ۾ اسرائيل فورس ۽ فلسطين مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ چڪريون  پڻ ٿيون مصر  پڻ انهي آمريڪي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانس به آمريڪا جي اهڙي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي،

اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته آمريڪا ائين ڇو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي انڪري مان سمجهان ٿل ته اها سڀني کي خبر آهي ته ٽرمپ مسلمان جي خلاف اتنهاپسندي واري سوچ رکندڙ انسان آهي ۽ انهي سوچ جي ڀيٽ ۾ هوُ اسلام دشمن ملڪن جي حق ۾ پڻ آهي.۽ اها ڳالهه به واضع آهي ته رڳو ڊونلڊ ٽرمپ نه پر ريپبلڪن پارٽي جي هر اميدارو هيمشه  مسلمان جي خلاف تمام گهڻو سخت نظريو اختيار ڪيو آهي.جڏهن ته پاڪستان لاءِ ڪيترائي سال پريشانيون پيدا ڪندڙ ظالم صفت انسان چارج بش ڪنهن کان ڳجهو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي اهو به چيو پيو وڃِي ته هوُ انهي کان وڌيڪ زهريلي سوچ رکندڙ انسان آهي. ۽ سندس سوچ صرف پاڪستان لاءِ به پر پوري دنيا لاءِ تشويش آهي،جڏهن ته پاڪستان جي سياست سان به ريپبليڪن پارٽِي جا تعلقات همِيشه خراب ئي رهيا آهن ڇو ته سندس جنگي ايجنڊا ۽ نيوورلڊ آرڊر کي پاڪستان اندر هيمشه هڪ ڊڪٽيٽر موزون رهيو آهي.جڏهن ته دنيا جي ڪمروز ملڪن تي ڪاهه ڪري انهي معيشت تي قبضو ڪري ۽ انهي قوم کي غلام بڻائي ڪري انهي عوام تي حڪمراني ڪرڻ هميشه ريپبليڪن پارٽي جو منشور آهي.

انهن هميشه ملڪن کي ڪمزور ڪري انهن مان فائده وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جهڙي ريت انهن پروزيرمشرف ۽ جنرل ضياءُ جي دور اندر فائدو ورتو.جڏهن ته ٽرمپ جي کٽڻ کانپوءِ پاڪستان کي ملندڙ فنڊ  پڻ بند ٿيڻ جا امڪان صاف ۽ چٽا بنجي ويا آهن..۽ ٽرمپ جي پاليسي ۽ انڊيا جي پالسي سان گڏ اسرائيل جي پاليسي پڻ پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي.۽ اهو صاف ظاهر آهي ته ريبپليڪن پارٽي مان ڪابه سٺائي جي اميد نٿي رکي سگهجي. هُو صرف ۽ صرف پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ئي ڪري سگهي ٿي.پر رڳو پاڪستان نه پر خد آمريڪا جي وڏي تعداد اندر آمريڪي عوام ٽرمپ جي اليڪشن کٽڻ جي ڪري پريشان حال نظر اچي رهي آهي.انڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ پرمپ جنهن جي باري ۾ شايد ئي ڪنهن کي ڄاڻ هجي ته ڊونلڊ ٽرمٽ اصل ۾ ڪير آهي ۽ هوُ ماضي ۾ ڇا ڪندو هوُ،14جون1946 ۾ نيويارڪ شهر جي ۾ پيدا ٿيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ننڍڙي هوندي کان تعليم سان وابسته رهيو.جنهن 1968اندر يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان اڪنامس اندر گريجوشن ڪئي.جڏهن ته سندس تربيت جمائڪا اسٽيئس جي امير ترين گهر ۾ ٿي. هوُ ريئل اسٽيٽس جي تعمير ۽ ترقي سان پڻ وابسته رهيو.هيمشه سندس رويو حاڪمن وارو رهيو.جڏهن ته 1970ع جي ڏهاڙي اندر کاتي انصاف اندر(ٽرمپ) تي آرگنائيزِشن تي فئير هائوسنگ ايڪٽ جي خلاف وزري ڪرڻ جو الزام پڻ لڳو.جنهن جي ذريعي اقليت کي سندس جايون ڪرائي تي وٺڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو هوُ.جڏهن ته اهڙي عدالتي فيصلي کان پوءِ ٽرمپ عدالت کان ٻاهر اهو فيصلو طعه ڪيو جنهن کانپوءِ ٽرمپ(سينٽرل اسٽيشن) مان ملي ڪري هڪ هوٽل خريد ڪئي.جيڪا ديواليه قرار ڏني وئي هئي.تنهن کانپوءِ ان ست ڪروڙ ڊالر اڌار کئنين ۽ پوءِ نيويارڪ سٽي کان ٽيڪس گهريو. انهي جي تعمير ٿي ته ٽرمپ انهي هوٽل جو نالو(گرينڊ هائٽ هوٽل) رکيو.۽ 1971ع ۾ ان پنهنجي والد فريڊ ٽرمپ جي رئيل اسٽيس ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جو ڪنٽرول سنڀاليو جنهن جو نالو بعد ۾ تبديل دي ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيو.،ڊونلڊ ٽرمپ(دي ٽرمپ آرگنائيشن جي صدر ۽ چيئرمين به آهي.جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ذاتي ملڪيت جو اندازو 4ارب ڊالر تائين لڳايو وڃِي پيو..جڏهن ته هوُ مختلف ڪئپپمنين جي تعميراتي ڪمن ۽ منصوبن جي اشتهارن مهم اندر پنهنجو نالو استعمال ڪرڻ جو پڻ معاضو وٺندو آيو آهي.،جڏهن ته ٽرمپ ٽاور نالي عمارت به ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ سڃاڻپ آهي. جيڪا ويهه ڪروڙ ڊالر جي ملڪيت آهي جيڪا اپارٽمينٽ ۽ جي ٻين ڪاروبار لاءِ استعال ڪئي ويندي آهي..جنهن جي تعمير لاءِ گلابي رنگ جي سنگ مر مر جو استعال ڪيو ويو آهي،جيڪا 58منزلن تي مشتمل آهي.انکان علاوا  آمريڪا ۾ هلندڙ ڪيترن ئي ڪيسنو جو مالڪ هجڻ ڪري به ڊونلڊ ٽرمپ گهڻو مشهور آهي.پر اهڙو به سندس زندگي موڙ آهي جڏهن سندس ملڪيت اندر 1990اندر ڪرِيش ٿي.ان وقت سندس ملڪيت اندر1.7ارب ڊالر ڪري وئي هئي.۽ سندس ملڪيت صرف ۽ صرف 50ڪروڙ ڊالر باقي رهي هئي.۽ اهڙي ماحول اندر ڊونلڊ ٽرمپ تي اهو به وقت آيو جڏهن کيس پئسا اڌارا کڻڻا پيا ۽ نئي سر سرمائيڪاري شروع ڪرڻي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *